وائيس آف انڊس

http://1.bp.blogspot.com/-X3cseCAvmpg/Uz_aS4bo3wI/AAAAAAAAAfA/2hFbAevCyo4/s1600/gg.JPG

Wednesday, August 21, 2013

Sindhi Poetry



اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جھان ۾،
سندائين نشان تي سدا امتحان ۾

ڪڏهن آنڌي الڙي ڪڏهن ڪڙڪي بجلي.
ڪٿي ڪک رهيو آ منهنجي آشيان ۾،

پرين ڇا ڪجي پل وڃن ٿا اڏاڻا.
هليو آءُ اڄ ڇا رکيو آ سڀان ۾،

نه ڪا آرزو آنه ڪا جستجو آ.
ڪٿي ڪاروان وقت نه مهربان ۾،

ڪڏهوڪا سڪا سر اري مرگھه مرک.
اڙائي اڀو آن اکيون آسمان ۾،

وري جي ولوڙن منجھائي رکيو آ.
غم عشق هاڻي رهيو ڇا اسان ۾،

هو هالار جا پٽ هُو مياڻي هوءَ ٽلٽي.
اسان جيون نشانيون سڄي گستان ۾،

اهوئي ڪٽارا اهي ئي الارا.
اڃان تير آهن اسان جي ڪمان ۾،


ستارا نه چوندا ڇا تون نه ايندين.
اڙي يار ڇڏويئي وهي رائيگان ۾،

ٻه ٽي گيت واريم  ٻه ٽي ديپ ٻاريم.
ٻه ٽي ڦول هاريم تنهنجي آجيان ۾

0 comments :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔