اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جھان ۾،
سندائين نشان تي سدا امتحان ۾
ڪڏهن آنڌي الڙي ڪڏهن ڪڙڪي بجلي.
ڪٿي ڪک رهيو آ منهنجي آشيان ۾،
پرين ڇا ڪجي پل وڃن ٿا اڏاڻا.
هليو آءُ اڄ ڇا رکيو آ سڀان ۾،
نه ڪا آرزو آنه ڪا جستجو آ.
ڪٿي ڪاروان وقت نه مهربان ۾،
ڪڏهوڪا سڪا سر اري مرگھه مرک.
اڙائي اڀو آن اکيون آسمان ۾،
وري جي ولوڙن منجھائي رکيو آ.
غم عشق هاڻي رهيو ڇا اسان ۾،
هو هالار جا پٽ هُو مياڻي هوءَ ٽلٽي.
اسان جيون نشانيون سڄي گستان ۾،
اهوئي ڪٽارا اهي ئي الارا.
اڃان تير آهن اسان جي ڪمان ۾،
ستارا نه چوندا ڇا تون نه ايندين.
اڙي يار ڇڏويئي وهي رائيگان ۾،
ٻه ٽي گيت واريم ٻه
ٽي ديپ ٻاريم.
ٻه ٽي ڦول هاريم تنهنجي آجيان ۾
ڪروڙن جي اک ۾ کتل ڪان جيئن.
اسان جي محبت به نيشان جيئن،
اڙي دل وري توتي هي داغ داغ.
ڪو اڄلهه ٽڪيل
آمهمان جيئن،
هڙئي هم سفر پنڌ پيا دڳ لڳا.
اُڏائي دڳن ڌوڙ طوفان جيئن،
شرارا شرارا ٿي پوندو جهان.
اشارا اشارا ڪنهن امڪان جيئن،
نه مينهيون ميون ۽ نه ميهر ستو.
اجھي گھنڊ گڙيا ڪنهن گھمسان جيئن،
اڇائي جيءَ هڪ لاٽ جي لئه اسان .
ڏنارا تارا نيڻن جا تاوان ڪيئن،
مسافر! متان مهل ويندي رهي.
رهي پيار پنهنجو پشيمان جيئن،
ٻه ٽي پهرآ رات چنڊ جي چريا.
وري ڪين ملندو هي ديهه دان جيئن،
1 comments :
زبردست شاعري
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔