وائيس آف انڊس

http://1.bp.blogspot.com/-X3cseCAvmpg/Uz_aS4bo3wI/AAAAAAAAAfA/2hFbAevCyo4/s1600/gg.JPG

Wednesday, March 5, 2014

Sindhi poerty

اوپرديسي دل جا پڪا،
هاڻي موٽي آءُ مٺا،

توکي پرپٺ پرچايان ٿي،
ٻانهون  جوڙي ٻاڏايان ٿي،
روئي وجھان ٿي روز روا،                         هاڻي موٽي آ مٺا!

توکي منهنجي ڪاڪل ناهي،
منهنجي رئڻ کي جھل پل ناهي ،
اکڙيون آليون ،ساهه ٿڌا،                           هاڻي موٽي آءُ مٺا!

تنهنجي جدائي جان جلائي ،
مون کي ٿي وئي آهي سائي،
دل جي دلبر آڻ  دوا،                                هاڻي موٽي آءُ مٺا!

لاءِ هٿن تي ميندي ڳاڙهي،
مند اچي وئي ڳاڙهي ڳاڙهي،
ڳاڙها ڳاڙها ٻير پڪا،                              هاڻي موٽي آءُ مٺا!


صبح ۽ سانجھي توکي ساريان،
آڌي مانجھي توکي ساريان ،
آتي دل استاد الا!                                    هاڻي موٽي آءُ مٺا!


0 comments :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔