Wednesday, March 26, 2014
Sunday, March 16, 2014
حليم باغي جي شاعري
Posted by
Unknown
اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جھان ۾،
سندائين نشان تي سدا امتحان ۾
ڪڏهن آنڌي الڙي ڪڏهن ڪڙڪي بجلي.
ڪٿي ڪک رهيو آ منهنجي آشيان ۾،
پرين ڇا ڪجي پل وڃن ٿا اڏاڻا.
هليو آءُ اڄ ڇا رکيو آ سڀان ۾،
نه ڪا آرزو آنه ڪا جستجو آ.
ڪٿي ڪاروان وقت نه مهربان ۾،
ڪڏهوڪا سڪا سر اري مرگھه مرک.
اڙائي اڀو آن اکيون آسمان ۾،
وري جي ولوڙن منجھائي رکيو آ.
غم عشق هاڻي رهيو ڇا اسان ۾،
هو هالار جا پٽ هُو مياڻي هوءَ ٽلٽي.
اسان جيون نشانيون سڄي گستان ۾،
اهوئي ڪٽارا اهي ئي الارا.
اڃان تير آهن اسان جي ڪمان ۾،
ستارا نه چوندا ڇا تون نه ايندين.
اڙي يار ڇڏويئي وهي رائيگان ۾،
ٻه ٽي گيت واريم ٻه
ٽي ديپ ٻاريم.
ٻه ٽي ڦول هاريم تنهنجي آجيان ۾
ڪروڙن جي اک ۾ کتل ڪان جيئن.
اسان جي محبت به نيشان جيئن،
اڙي دل وري توتي هي داغ داغ.
ڪو اڄلهه ٽڪيل
آمهمان جيئن،
هڙئي هم سفر پنڌ پيا دڳ لڳا.
اُڏائي دڳن ڌوڙ طوفان جيئن،
شرارا شرارا ٿي پوندو جهان.
اشارا اشارا ڪنهن امڪان جيئن،
نه مينهيون ميون ۽ نه ميهر ستو.
اجھي گھنڊ گڙيا ڪنهن گھمسان جيئن،
اڇائي جيءَ هڪ لاٽ جي لئه اسان .
ڏنارا تارا نيڻن جا تاوان ڪيئن،
مسافر! متان مهل ويندي رهي.
رهي پيار پنهنجو پشيمان جيئن،
ٻه ٽي پهرآ رات چنڊ جي چريا.
وري ڪين ملندو هي ديهه دان جيئن،
Thursday, March 6, 2014
Wednesday, March 5, 2014
Sindhi poerty
Posted by
Unknown
اوپرديسي دل جا پڪا،
هاڻي موٽي آءُ مٺا،
توکي پرپٺ پرچايان ٿي،
ٻانهون جوڙي
ٻاڏايان ٿي،
روئي وجھان ٿي روز روا، هاڻي موٽي آ مٺا!
توکي منهنجي ڪاڪل ناهي،
منهنجي رئڻ کي جھل پل ناهي ،
اکڙيون آليون ،ساهه ٿڌا، هاڻي موٽي آءُ مٺا!
تنهنجي جدائي جان جلائي ،
مون کي ٿي وئي آهي سائي،
دل جي دلبر آڻ
دوا، هاڻي موٽي آءُ مٺا!
لاءِ هٿن تي ميندي ڳاڙهي،
مند اچي وئي ڳاڙهي ڳاڙهي،
ڳاڙها ڳاڙها ٻير پڪا، هاڻي موٽي آءُ مٺا!
صبح ۽ سانجھي توکي ساريان،
آڌي مانجھي توکي ساريان ،
آتي دل استاد الا! هاڻي موٽي
آءُ مٺا!



