هن ۾ هاري اَن اُپائن،جن جا سونن
جھڙا سَنگ،
هن جا ماڻهو محبت ڀريا،ناز منجھان
ته نڀائن نَنگ،
هن ۾ جھُوپا جھانگيئڙن جا،هن ۾
جھُونگارون جھر جھنگ،
ڪافي،وائي بيت،جمالو،۽ ٻيا
بُڌندين چُرندي چَنگ،
خلد برابر هن ۾ خوبيون،ٻيا روپ
رَسيلا رَنگ،
دنيا ساري ۾ ائين دلبر ،ديس
منهنجي جو ناهي دَنگ،
سنڌ سڄيءَ جي سِينڌ سنڌو آ،جنهن ۾
گھاتو ڪن ٿا گھورَ!
مٺڙن مٺڙن ٻون وارن،مال وندن جا
هن ۾ ماڳ،
ڀاڳ
ڀليرين ڀاڳڻين جا،ڀائو هن ۾ ڀاڳ ئي ڀاڳ ،
هر هڪ
ونڙي پنهنجي وَرَ سان، ويٺي لنئون لڳائي لاڳ،
جنڊ
اَسُر جو جيڏين جوٽيا،ڄڻ ڪنهن راڻو ڳايو رانڳ،
پاڻيءَ
ويل پنوهاريون پاڻ ۾،چوڙيليون ڪن چرچا چاڳ،
ٻوڙ
پُلاءَ کي ٻن ڏيئي ،سي سادا سانگي آڻين ساڳ،
سرءُ
سياري سانوڻ جو تَن ،سانگين ناهي هينئڙي هور ،
مُشڪ
کٿوريءَ کان به مٿيري،هن جي خوشبوءَ ۾ آ خاڪ،
باکُ
ڦُٽي جو وڻ ٽِڻ واسي،هن موتين جهڙي ماڪ،
هن ۾ ٿر
بر ٿڌڪارون ۽ هن ۾ ٿاريلين جا ٿاڪ،
هن ۾ باغ
بهارون بر سر ،هن ۾ بُلبل سڀ بيباڪ،
هن ۾
مانجھي مرد مٿير ۽ هن ۾ ڌوپارن جي ڌاڪ
هن ۾
سانگي ساڌا سُوڌا ،ڏاها،ڀورا ،دل جا پاڪ،
4 comments :
jkkjhklu
jkkjhklu
very good
hakim ali jamali
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔