وائيس آف انڊس

http://1.bp.blogspot.com/-X3cseCAvmpg/Uz_aS4bo3wI/AAAAAAAAAfA/2hFbAevCyo4/s1600/gg.JPG

Wednesday, August 21, 2013

ابراهيم منشي



هن ۾ هاري اَن اُپائن،جن جا سونن جھڙا سَنگ،
هن جا ماڻهو محبت ڀريا،ناز منجھان ته نڀائن نَنگ،
هن ۾ جھُوپا جھانگيئڙن جا،هن ۾ جھُونگارون جھر جھنگ،
ڪافي،وائي بيت،جمالو،۽ ٻيا بُڌندين چُرندي چَنگ،
خلد برابر هن ۾ خوبيون،ٻيا روپ رَسيلا رَنگ،
دنيا ساري ۾ ائين دلبر ،ديس منهنجي جو ناهي دَنگ،
سنڌ سڄيءَ جي سِينڌ سنڌو آ،جنهن ۾ گھاتو ڪن ٿا گھورَ!

مٺڙن مٺڙن ٻون وارن،مال وندن جا هن ۾ ماڳ،
             ڀاڳ ڀليرين ڀاڳڻين جا،ڀائو هن ۾ ڀاڳ ئي ڀاڳ ،
هر هڪ ونڙي پنهنجي وَرَ سان، ويٺي لنئون لڳائي لاڳ،
جنڊ اَسُر جو جيڏين جوٽيا،ڄڻ ڪنهن راڻو ڳايو رانڳ،
پاڻيءَ ويل پنوهاريون پاڻ ۾،چوڙيليون ڪن چرچا چاڳ،
ٻوڙ پُلاءَ کي ٻن ڏيئي ،سي سادا سانگي آڻين ساڳ،
سرءُ سياري سانوڻ جو تَن ،سانگين ناهي هينئڙي هور ،

مُشڪ کٿوريءَ کان به مٿيري،هن جي خوشبوءَ ۾ آ خاڪ،
باکُ ڦُٽي جو وڻ ٽِڻ واسي،هن موتين جهڙي ماڪ،
هن ۾ ٿر بر ٿڌڪارون ۽ هن ۾ ٿاريلين جا ٿاڪ،
هن ۾ باغ بهارون بر سر ،هن ۾ بُلبل سڀ بيباڪ،
هن ۾ مانجھي مرد مٿير ۽ هن ۾ ڌوپارن جي ڌاڪ

هن ۾ سانگي ساڌا سُوڌا ،ڏاها،ڀورا ،دل جا پاڪ،

4 comments :

Unknown لکيو آهي

jkkjhklu

Unknown لکيو آهي

jkkjhklu

Unknown لکيو آهي
This comment has been removed by the author.
Unknown لکيو آهي

very good
hakim ali jamali

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔